اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي. وفاقي ڪا??ينا ما??ل ج??ل جي قيام جي لاءِ گرين ايرياز تي ج??ل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز تي ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪيا وڃن، گرين ايرياز تي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪا??روائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪا??ينا شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس جي خلاف جاري ڪا??روائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.