اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظ?? عمران خان سان ازبڪستان جي نائب ??زي??اعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور ??مر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، ??زي??اعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب ??زي??اعظم ازبڪستان جي صدر طرفان ??زي??اعظ?? عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.