ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ??اڳ?? ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال اڳ ??ود?? سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ??اڳ?? ڪيو هو. هن چيو ته 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ?? تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ ??ود?? پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ??اڳ?? ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.