اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي هدايت ڪئي آهي ته عيد الاض??يٰ جي موقعي تي گڏيل قرباني جي ذريعي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ?? مدد ملندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ايوان صدر ۾ منعقد اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي دوران عيدالاض??يٰ جي حوالي سان طئي ٿيل ضا??طي (ايس او پيز) تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو، ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب منقعد اجلاس ۾ گهرو وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز ۽ صدر جو سيڪريٽري طارق نجيب شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وزيرن عيدالاض??يٰ جي دوران کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.