اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪر??نا وائرس وبا کان ب??ائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزي??اع??م عمران خان ڪر??نا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪر??نا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزي??اع??م جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزي??اع??م عمران خان ڪر??نا جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ?? ڪر??نا وائرس کان ب??ڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان ب??ائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.