اسلام ??باد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان جي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪابينا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿيندي ۽ جوابدهي جو اصول لاڳو ٿيندو، اها ئي نظام ??ي تبديلي آهي جنهن جو واعدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عم??ان خان جي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿيندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي ج?? دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گهرجي، طاقتور ترين ماڻهن به قانون کا?? مٿانهان نه آهن.