ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهري علائقن ?? ڪورونا جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي، 79 سيڪڙو آبادي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪري رهي آ??ي، پاڪستان ۾ دستياب آڪسيجن جو 90 سيڪڙو حصو استعمال ٿي رهيو آهي، هڪ هفتي ۾ صورتحال بهتر نه ٿي ته مڪمل لاڪ ڊائون جو سوچڻو پوندو، اسپتالن ?? ڪورونا مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، روزانو 600 کان 700 ڪورونا مريض اچي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ ڀارت ?? ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال سنگين ٿي چڪي آ??ي، اتي آڪسيجن جي سخت کوٽ ٿي وئي آ??ي، ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي عوام ڀارتي عوام سان گڏ بيٺل آهي، وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر ڀارت جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.