اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ گجرات ۽ منڊي بهاءُ الدين ۾ عوامي رليف جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ سياسي معاملن وار?? خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر حاجي امتياز احمد ۽ شوڪت علي ڀٽي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان اختر حيات، طارق تارڙ، چوڌري گلريز ??فضل چن، محمد ارشد چوڌري ۽ لياقت بدر کانسواءِ چوڌري اعجاز ۽ نذر محمد گوندل شامل هئا.