اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽ??ڪن??لاجي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس ا??ي پي هواوي ٽ??ڪن??لاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هوا??ي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽ??ڪن??لاجي جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.