اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ انصاف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي ??گهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخالف ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق نه ٿي ??گهيو، هاڻي مخالف ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪ??اڪ?? ۾ ترميمون ٿين، مخالف ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخالف ڌر کي اپيل آهي ته پا??ستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخالف ڌر جون ترميمون جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پا??ستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخالف ڌر عمران خان يا حڪومت نه پا??ستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳ??لهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گري لسٽ ۾ ويو. ڀارت پا??ستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پا??ستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پا??ستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پا??ستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پا??ستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.