اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ مڪڙن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اوزار خريد ڪرڻ جي ڏس ۾ 100 ملين رپيا، سول آرمڊ فورسز جي صلاحيت ۾ بهتري جي لاءِ 4.5 ارب رپيا ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان ميڊيا مهم هلائڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي لاءِ 500 ملين ??پي?? سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري کي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي عر??ي ۾ روزگار کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ري فنانس اسڪيم جي رسڪ شيئرنگ فيسلٽي جي حد ۾ اض??في جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.