اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون، ڪراچي جهاز حادثي جي ??فا?? جاچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائي??نس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سور?? ڪرڻ جي حوالي سان ??فا?? طريقيڪار اختيار ڪ??و ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، ??فا?? جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪ??و ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ??يا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رها??و ويو.