اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پارلياماني ??ميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪومت پارلياماني ??ميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آهي. ڪرونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پارلياماني ??ميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ??ميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون تج??يز??ن ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.