اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائي ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا، ڪنهن کي اختيار نه آهي ته هو ڏنڊي يا پٿر جي ذريعي پنهنجو نظريو مڙهي، ميڊيا عورت مارچ تي مثبت ڪردار ادا ڪيو. هو قومي ??سيمبلي جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ??ي اجلاس ۾ عورت مارچ جي حوالي سان ڳالهائي رهي هئي.