اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪست??ني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪست??ني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ري??ي کي خطاب ڪندي ڪيو.