اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رواني ٿي وئي آهي، هو جده ۾ او آءِ سي قائم ٿيڻ جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي ن??ائندگي ڪندي. اطلاعات واري خصوصي ??عا??ن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي. باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي ۾ سدائين فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.