اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته هڪ طرف وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ جا منصوبو بڻايا پيا وڃن. پن??نج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? ته پوري قوم ڏسي رهي آ??ي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چي?? ته مولانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.