اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته محمد نواز شريف ??ي طبي بنيادن تي ضمانت ۽ سزا معطلي جي عدالتي فيصلي کي حڪومت تسليم ڪري ٿي، اڃا تائ??ن نواز شريف پاران ٻاهرئين ملڪ علاج جي درخواست ناهي آئي. ميڊيا بريفنگ دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ وز??راعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميان محمد نواز شريف جي 8 هفتن جي لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ۽ سزا معطل ٿي وئي آهي، پنجاب جو وڏو وز??ر ۽ نيب جا عملدار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، اهو مسلسل هڪ عمل هلي رهيو هو.