گڏيل قومون – 02 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ڊجيٽلائيزيشن کي ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چي?? آهي ته ڀارت گذريل پنجن کان ڇهن سالن دوران تيز رفتار انٽرنيٽ ??ي فراهمي ۽ سمارٽ فونز ??ي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان باهر ڪڍي?? آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) ??ي اهتمام هيٺ موجوده ۽ ايندڙ نسل لاءِ بک جي خاتمي ڏانهن تيز رفتار اڳڀرائي واري عنوان تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڀارت جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن جن کي پهرين بينڪنگ يا ادائيگي جي نظام تائين پهچ حاصل نه هئي، اهي هاڻي رڳو سمارٽ فون استعمال ڪري بلن ??ي ادائيگي جي ??اب?? ٿي ويا آهن ۽ ان کان علاوه اهي آرڊرز جي لاءِ به ادائيگي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي کي بنياد فراهم ڪري ٿي. ڀارت ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ ??ي فراهمي جو عام شهرين کي سمارٽ فون بوم ۽ بينڪنگ خدمتن تائين آسان پهچ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ??اب?? بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي