گڏيل قومون-26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جيڪڏهن ع??لم?? فوجداري عدالت (آءِ سي سي) غزه ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن بابت ڪيس هلائڻ لا??ِ فوري قدم نٿي کڻي ته ان مقصد لا??ِ هڪ نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، اها ڳالهه مناسب رعايت جي حقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي بالاڪرشنن راجا گوپال ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چئي. هوڏانهن نيدرلينڊ ۾ لبيا جي سفير چيو ته سندس ملڪ ۽ ف??سط??ني قيادت هيٺ رياستن جي هڪ گروپ اسرئايل خلاف آءِ سي سي ۾ ڪيس درج ڪرايو آهي، جنهن جو مقصد اسرائيل جي فوج هٿان غزه ۾ وڏي پيماني تي ٿيل قتل تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ آهي. غزه پٽيءَ ۾ اسرائيل جي جنگ جي شروعات کان هاڻ تائين 20 هزار کان وڌيڪ ف??سط??ني شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ان کان علاوه تمام وڏي آباديءَ کي خوراڪ، پاڻي، طبي سهولتن ۽ بجليءَ کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي. فرانس جي وڪيل ان ڳالهه جي تصديق ڪندي آءِ سي سي وٽ درج ڪيل ڪيس ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. سڄي دنيا جي وڪيلن جي هڪ گروپ کي آءِ سي سي آڏو مظلوم ف??سط??نين جي نمائندگيءَ لا??ِ متحرڪ ڪيو ويو آهي. هيڪ ۾ قائم آءِ سي سي کي 17 نومبر تي غزه پٽي ۽ اولهه ڪِناري ۾ اسرائيل طرفان ڪيل جنگي ڏوهن جي جاچ لا??ِ 5 ملڪن مان اپيلون مليون آهن.