اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هد??دارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ??هد??دارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل ??هد??دار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد ع??ران، فنانس سيڪريٽري شهزاد ع??ي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سم??ت ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد ع??ي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.