اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمن تي زور ڏنو آهي ته اهي ??اڪستان کي پوليو کان پاڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ پولي?? جي خاتمي ??ي مهم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪن، محفوظ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي اسان جي ٻارن جو حق آهي، پولي?? جي خلاف مهم ۾ عالمي ??دارن جي تعاون کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو ا??هار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پولي?? جي خاتمي ??ابت قومي ??لماءِ ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نگران وزيراعظم جو مذهبي هم آهنگي بابت خصوصي نمائندو طاهر اشرفي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم چيو ته ق??آن ۽ حديث اسان جي رهنمائي جو بهترين ذريعو آهن، ق??آن ۽ سنت جي روشني ۾ اسان کي اجتماعي فيصلا ڪرڻا آهن. هن مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جي پولي?? جي خاتمي ??ي مهم جي معاملي تي اجتماع کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته عالم سمورن قومي مسئلن جي حوالي سان ائين کي گڏ ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته عالمن جي اتفاق سان ئي عوام ۾ پولي?? جي خاتمي ??ي مهم جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿيندو. هن چيو ته ٻارن جي روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي انهن جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت آهيون جو پنهنجي ٻارن جي زندگي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا، غزه ۾ ٻارن جو ا??تماعي قتل عام ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانيت جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. مسلمان ڪنهن مذهب يا ان جي پيروڪار کان نفرت نه ٿا ڪن ۽ سدائين انصاف جي لاءِ اٿي بيهن ٿا. نگران وزيراعظم پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي غيرشرعي سمجهڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته عالم اهڙن عنصرن جي خلاف اٿي بيهن، بنا تحقيق جي پولي?? جي ڦڙن جي حوالي سان ڪوڙ نه ڦهلايو وڃي. عالم اهڙن ماڻهن جو محاسبو ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته مسلمان معقول رويو ا??تيار ڪرڻ وارو هوندو آهي، نامعقول روين جو ا??لام سان ڪو تعلق نه آهي، ق??آن مجيد ۾ تحقيق کانسواءِ ڪنهن ڳالهه کي ڦهلائڻ کان منع فرمايو ويو آهي. نگران وزيراعظم علماءِ حق تي زور ڏنو ته اهي علماءِ سو آڏو اٿي بيهن، معاشري جي ق??آن ۽ حديث جي روشني ۾ رهنمائي ڪن ۽ حق ۽ سچ کي سامهون آڻين. نگران وزيراعظم پولي?? جي خاتمي ??ي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ واري گڏيل قومن جي پروگرام، بل گيٽس ۽ عالمي ??دارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي ادارا اسان جي ٻارن جي صحت ۽ روشن مستقبل جي لاءِ جيڪا معاونت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن ان جو ا??تراف نه ڪرڻ بدديانتي هوندي ڇو ته پوليو ا??ان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آهي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو ته عالمن اهم قومي مسئلن تي سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، عالمن جو هي اجتماع پولي?? جي خاتمي ??ي مهم جي حوالي سان متفق آهي، پوليو ويڪسين ۾ ڪا غيرشرعي ۽ نقصانڪار شيءَ نه آهي ۽ ان جو ا??تعمال جائز آهي. هن چيو ته شريعت انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪئي آهي، عالم پولي?? جي خاتمي ??ي پروگرام جي توثيق ڪن ٿا. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته پولي?? جي خاتمي ??ي مهم ۾ عالمن جو انتهائي اهم ڪردار آهي، هن پولي?? جي خاتمي ??ي مهم جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏيارڻ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن جا ٿورا مڃيا. صحت واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالمن جي شموليت سان پولي?? جي خاتمي ??ي مهم وڌيڪ موثر ٿيندي. هن چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي ڪري پاڪستان کي عالمي ??طح تي مشڪلاتون درپيش آهن. هن پوليو ورڪرز کي پڻ ساراهي?? جيڪي مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. صحت واري سيڪريٽري افتخار شلواڻي چيو ته عالم پولي?? جي خاتمي ??ي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻار اسان جو قومي ??ثاثو آهن، انهن جي حفاظت اسان جو فرض آهي.