اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي باني پاڪستان قا??داعظم محمد علي جناح کي سندس 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قا??داعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قا??م ڪرڻ جي لاءِ ??ڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پور?? قوم محسن پاڪستان قا??داعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، باني پاڪستان قا??داعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪ??هن فرق کانسواءِ ??مورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته باباءِ قوم پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردا?? جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??سان کي باباءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??تحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ جي ڏي??هن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.