اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بلغاريه ۾ پاڪستان ج?? نامزد سفير مدثر چوڌري ملاقات ڪئي. صدر جو پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفو ت??او?? وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ سياسي ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اقتصادي، وا??ار?? ۽ ثقافتي ت??او?? وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ??اڪستان بلغاريه سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بلغاريه سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ??ئون نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي چيمبرز ۽ ڪامرس جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صدر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا سان تعليمي شعبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ، پاڪستان ۽ بلغاريه جي يونيورسٽين جي وچ ۾ حصيداري جي عمل کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عارف علوي مدثر چوڌري کي بلغاريه ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.