اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ ??ي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي ويو. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ ??ي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ ??چڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير جو مالديپ ??ي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ ??ي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آه?? ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آه??. مالديپ ??ي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وف??قي وزير پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ ??ي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.