اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪشمير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ??مون ڪشمير جي 76هين يومِ تاسيس ج?? ح??ال?? سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ??مون ڪشمير رياست ج?? قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ??شمير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ??شمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ??رايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ آزاد ??شمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ??مون ڪشمير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ ج?? قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ??شمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح ??ي اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪشمير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.