اسلام آباد – 10 – آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي ج?? اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فر?? عظيم شاهه سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي نگ??ان حڪومت جي ذميواري آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي نامڪمل آهي. فر?? عظيم شاهه نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگ??ان حڪومت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.