اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا ??وق??ا پيدا ڪرڻ جي ضرو??ت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي ??رقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرو??ت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات جي حوالي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي ??وبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.