اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي ??ائمالي ڪندڙ ڏو??ار??ن جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا فاروق جي ??يادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لا??ِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي ??وجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي ??ائمالي ڪندڙ ڏو??ار??ن جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.