اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي جي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، پاڪستان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، اسان کي ان ڳال??ه تي يقين آهي ??ه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري ??وا?? جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??رامن حل جي ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2023ع جي ??وقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر چيو ته 5 اگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي. انهن ڪاررواين جو مقصد ڪشميري ??وا?? کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن جي ??نهنجي ئي سرزمين تان بيدخل ڪرڻ آهي. اهي قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ جي ??اءِ کنيا ويا هئا. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غيرتڪراري حصو آهي. جڏهن ته اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي ??سئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو ۽ اتي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. رياست جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪشميري ??وا?? جي ??ه ٽٽڻ جهڙي عزم ۽ حوصلي جي ڪري اهي دهشت زده ڪرڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي ??ر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيا آهن. ڀارت جا سمورا ظالماڻا حربا ڪشميرين جي آزادي جي تڙپ کي نه ٿا وسائي سگهن. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف حربن ۽ سازشن سان ڪشميري ??وا?? جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ته 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ بدلايو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميري ??وا?? جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. سفارتي ٻهروپيو يا ڀارتي رياستي دهشتگردي ان حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. ڀارت ڪشميري ??وا?? کي انهن جو جائز خودمختياري جو حق ڏئي سلامتي ڪائونسل پاران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.