لاهور – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گ??يل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ گڏيل عرب امارات روانو ٿيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري قوم پاران ڀائر ملڪ جي صدر سان تعزيت جو اظه??ر ڪندو. ناڻي وارو و??اق?? وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم ??ان گڏ آهن.