اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊي??ز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊي??ز جو افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اسپورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليات بابت اسٽوڊيو، ٽيڪ اسٽوڊيو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان اسٽوڊيوز، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ورلڊ سروس اسٽوڊيو، نيوز بليٽن نيشنل اسٽوڊيو شامل آه?? جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ڊيجيٽل ڪيو ويو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي دوري دوران ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽوڊي??ز جو دورو پڻ ڪيو ?? اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو. ان موقعي تي هن ريڊيو پاڪستان جي اسٽاف کان انهن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ڏيکاريو جنهن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو هو.