پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا و??گ پاران ج??ري بيان موجب اها ملاقا?? نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ حصيد??ري عمل وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.