راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي ??رڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رض??ان سميت زندگي جي ??ختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سا?? ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي ??ادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي ??ادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ??ارن شهيدن جي ??ادگار تي گل رکيا.