راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ??يس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کي من گهڙت ۽ بدنيتي ??ي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ??يس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد ال??ام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي ??نا ثبوتن جي ال??ام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جن?? اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ ??نس??ي خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا ال??ام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي ??و سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.