اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس کي اڳوڻي وزيراعظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪ??ور??ٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڪ??ور??ٽيو ريويو ريفرنس ڪمزور ۽ بي بنياد سببن تي داخل ٿيو هو، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. بيان موجب وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪ??ور??ٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. اهو ريفرنس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ريفرنس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ن??جا??ز استعمال ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائو??سل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.