اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي و??يلن جي بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان م??اقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسسٽنٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعب?? ۾ ??اري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ترقي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي و??ري ڪوشش?? ۾ ??صيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي و??جا??و ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي جي ترجيحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستا?? ۾ ??هي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعب?? ۾ ??عاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي و??رو وفاقي و??ير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير سردار اياز صادق، موسمياتي تبديلي و??ري وفاقي و??ير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، پاور وارو وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي و??ير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.