اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورت سفارتڪارن کي پنهنجي مل??ن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پاڻ کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عور??ن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۽ ٻين مل??ن جي عورت سفارتڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته سفارتڪا??ي جي شعبي ۾ پاڪستان جي عورتن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پاڪستان جون عورتون سدائين نوان معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. هن ملڪ جي خدمت ۾ عورت پاڪستاني سفارتڪارن جي شاندار خدم??ن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪري رهيون آهن. عورت سفارتڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي مل??ن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پاڪستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم الامور ماريا اگنيس شامل هيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي 51 سيڪڙو عورت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عور??ن جو ڏينهن ملهائيندي عورتن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ايشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عورت سفارتڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي مل??ن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي سفارتڪا??ي جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڪستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.