اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ??ندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ نوجوان ڪش??ير?? شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کان??وء?? شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کان??وء?? مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪش??ير?? نوجوان نه آهي ۽ نه اهو انساني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پن??نج?? خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پن??نج?? ڪش??ير??ن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.