اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف صنعتڪارن، سرنديءَ ??ارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ??رڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي وڃي. وز??راعظم پاڪستان جي سرنديءَ ??ارن ماڻهن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي وز??راعظم ترڪيه ۽ شام بابت زلزلي متاثرين فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستاني عوام زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي شيون اين ڊي ايم اي کي ڪليڪشن سينٽر تي جمع ڪرائي سگهي ٿي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان ترڪيه جهڙي پنهنجي پراڻي دوست سان گڏ بيٺل آهي. وز??راعظم جي هدايت تي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي امدادي ڪاررواين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي. منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال جي سربراهي ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ڪميٽي جا ميمبر هوندا. تعليم وارو وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وز??ر مفتي عبدالشڪور، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پاڪستان جا ترڪيه ۽ شام ۾ سفير ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس، امدادي سامان جي ترڪيه ۽ شام ترجيحي بنيادن تي پهچ کي يقيني بڻائي. پاڪستان مان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويندو. اين ڊي ايم اي هنگامي بنيادن تي پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪليڪشن سينٽر ٺاهي. اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن کان امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائي. يقيني بڻايو وڃي ته ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليل سامان معياري هجي، ڪمبل، گرم ڪپڙا، ٻارن جي خوراڪ ۽ خيمن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ترڪيه 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. پاڪستان امدادي سامان موڪلڻ جي لاءِ ايئر ڪوريڊور قائم ڪري ڇڏيو آهي. جلد پاڪستان مان امدادي سامان جي ٽرڪن جو قافلو به ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. پاڪستان پاران 30 بسترن تي ٻڌل موبائيل ا??پتال لاءِ ٽيم ۽ سامان به ترڪيه پهچي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي ??ريفنگ ڏني وئي ته ٻي موبائيل ا??پتال به عملي ۽ سامان سميت رواني ڪئي پئي وڃي. وز??راعظم چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جو آواز پاڪستان تائين پهچائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگ??يب?? سندس ٽيم ۽ پاڪستاني ميڊيا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان ايئر فورس، پي آءِ اي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان آپريشن ۾ ڀرپور شموليت به ساراهه جوڳي آهي. پاڪستان جون ريسڪيو ٽيمون ۽ پاڪ فوج جون ٽيمون به ترڪيه ۾ بهترين طريقي سان امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. سڄي پاڪستاني قوم کي ??پيل آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪن. اجلاس کي ??رڪيه ۾ پاڪستان جي سفير زلزلي سان تباهي جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو. وز??راعظم ان جي امدادي ڪوششن ۾ بهتر ڪردار کي ??اراهيندي کيس هدايت ڪئي ته هو ترڪ حڪومت ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران نه رڳو امدادي سامان ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت ترڪيه ۽ شام پهچي چڪيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هٿ ونڊرائي رهيون آهن. جڏهن ته پي آءِ اي مسلسل اڏامن ذريعي لاهور ۽ اسلام آباد کان ترڪيه ۽ شام سامان جي پهچ يقيني بڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرڪن جو قافلو ايران ذريعي امدادي سامان کڻي ترڪيه ۽ شام روانو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جاري آهي. وز??راعظم جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل فنڊ جي اڪائونٽ نمبر G-12166 ۾ امدادي رقم جمع ڪرائي سگهجي. جڏهن ته ٻئي امدادي سامان جو عطيو اين ڊيم اي اي جي ڪنهن به ڪليڪشن سينٽر ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ 13 ڪليڪشن سينٽر ٺاهي چڪو آهي. جڏهن ته وز??راعظم جي هدايت تي ان ڪليڪشن سينٽر کي هر ضلعي ۾ توسيع ڏني پئي وڃي. گهربل امدادي سامان ۾ سرديءَ جي موسم جي لحاظ کان تينٽ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، جوراب، ٻارن جي تيار خوراڪ وغيره شامل آهي. اجلاس کي پاڪستان پاران موڪليل ريسڪيو ٽيمن، امدادي سامان ۽ 30 بسترن تي ٻڌل ا??پتال جي موجوده ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو آهي. زخمين جي علاج جي لاءِ پاڪستان پاران وڌيڪ هڪ هڪ موبائيل ا??پتال ترڪيه ۽ شام رواني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگ??يب?? خواجه سعد رفيق، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ترڪيه م پاڪستان جي سفير کانسواءِ لاڳاپيل ا??ليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.