اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ذهني صحت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي، آگاهي نه هجڻ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت مناسب علاج ک??ن محروم رهي ٿي، ان ??س ۾ معياري نظام جي تياري جي ذريعي ماڻهن کي صح?? جي مناسب سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ دماغي صحت بابت هڪ ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. برٽش ايشين ٽرسٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ هاڪس ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرم??ن ??اڪٽر شاهد لطيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪيئر ٽيڪ چيريٽيبل فائونديشن، گلوبل انسٽيٽيوٽ آف هيومن ڊيولپمينٽ جي نمائندن ۽ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پڻ ورچوئل طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي ڪرايل سروي موجب پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني دٻاءُ ۽ اضطراب جو شڪار آهي، ڪاليج جا 60 کان 80 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار ڏٺا ويا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي حل لاءِ شاگردن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، حڪومت ماڻهن کي ذهني صحت ۽ تندرستي بابت مسئلن بابت مشورو ڏيڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ هيلپ لائين تيار ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ دماغي صح?? جي نگهداشت تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ ذهني صح?? جي پيشي سان واڳيل ماڻهن سان ??ڏوگڏ غيرسرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ورڪنگ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن ان ??الهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ذهني صح?? جي پيشيور ماڻهن ۽ ضروري و??يلن کانسواءِ ذهني مرضن بابت آگاهي جي کوٽ جي ڪري نفسياتي مريضن جي اڪثريت يا ته علاج ک??ن محروم رهي ٿي يا روايتي عقيدي ۽ مذهبي معالج سان رجوع ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2000 ذهني صحت جا پروفيشنلز موجود آهن جيڪي 24 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي مناسب علاج ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري عوام کي جديد ۽ معياري صح?? جي سارسنڀال جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته موجوده هيلپ لائينز/ چيٽ بوٽس کي هڪ واحد قومي ذهني صح?? جي هيلپ لائين/ چيٽ بوٽس ۾ ضم ڪيو ويندو جيڪو هڪ سال جي پائليٽ پراجيڪٽ جي شڪل ۾ شروع ڪيو ويندو. هن ذهني صح?? جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ماڻهن جي رهنمائي ۽ انهن کي علاج جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. برطانيا مان ??ڏجاڻي کي خطاب ڪندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته بريسٽ ڪينسر جي ڪري مو?? جي شرح ۾ اضافي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي کوٽ پاڪستان ۾ سماجي ۽ صح?? جي اهم مسئلن مان آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علامتن بابت آگاهي نه هجڻ ۽ دير سان تشخيص جي ڪري پاڪستان ۾ ??ن مرض س??ن مو?? جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان ??ڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي لاءِ ان پاران ??ئي ويندڙ ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. صدر برطانيا ۾ پاڪستاني ڄائي تربيت يافته ڪونسلرز تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ مريضن جي آن لائ??ن ??ونسلنگ جي لاءِ رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪن ۽ ??ن مقصد جي لاءِ برٽش پاڪستاني سائيڪاٽرسٽ ايسوسيئيشن جي تعاون تي زور ڏنو. هن مل?? جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستاني ڄائي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ طبي ماهرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن صدر پاران ??نيل اهم قدم ۽ پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ تندرستي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ان جي گهري دلچسپي کي ساراهيو.