اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان ق??مي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپس??دي جو خاتمو ڪ??ي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پ?? ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪ??دي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي انهن جي تعليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان ق??مي ترقي کي يقيني بنائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپس??دي جو خاتمو ڪ??ي سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنجي تعليم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب کي خطاب ڪ??دي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قو?? جو ڪ??دار ان جي تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي يو گريجوئيٽس کي پيشيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪ??ڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.