اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فصلن جي انشورنس کي ملڪ ۾ غذائي تحفظ سان گڏوگڏ آبادگارن جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي ??ور ڏنو آهي ته اهي زرعي شعبي ۾ انشورنس ڪوريج جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، اها ڳالهه ڳڻتي ??وڳي آهي ته پاڪستان ۾ فصلن جي انشورنس جو ڪاٿو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فصلن جي انشورنس جي ڪوريج اٽڪل 4 کان 5 سيڪڙو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي اهتمام هيٺ فصلن جي انشورنس بابت هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيا گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فصلن جي انشورنس ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن کي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي فصلن جي انشورنس جي اهميت، رسڪ مئنيجمينٽ ۽ فصلن جي جيتن جي حملي، سوڪهڙي ۽ انساني ساختا يا قدرتي ??فتن جي ڪري پهچندڙ نقصانن کان آبادگارن کي بچائڻ بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ان نصاب کي تيار ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پولٽري پاڪستان ۾ هڪ ترقي يافته شعبو آهي ۽ اهڙن باضابطا شعبن کي انشورنس اسڪيمن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ انشورنس مصنوعات متعارف ڪرائڻ گهرجن ۽ لاڳاپيل ??بادي جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انشورنس جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪري پنهنجي صنعت جي ممڪن نقصانن کان تحفظ فرهام ڪن. صدر زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي قيام جي ضرورت تي ??ور ڏنو جنهن جي لاءِ جيڪڏهن گهٽ کان گهٽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي پر وڌ کان وڌ فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد آبادگاري ۽ چوپايو مال پالڻ جي مهارتن کي اختيار ڪرڻ سان پيداوار جي موجوده سطح کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان نه رڳو ملڪ کي خوراڪ جي ضر??رت??ن پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر هو زرعي مصنوعات کي دنيا جي ٻين حصن ۾ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. صدر چيو ته سمورين انشورنس ڪمپنين ۽ ڌرين کي گهرجي ته اهي سمورن ميڊيا جي ذريعن جي ذريعي هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪن ته جيئن لاڳاپيل ??وام کي مصنواعت جاري ڪرڻ کان اڳ انهن جي مصنوعات، فائدن ۽ ان سان واڳيل ??طرن بابت آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ??رت?? ملڪن مان هڪ آهي ۽ ان کي پاڻي جي کوٽ، گليشيئرز جي پگهڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪ کي هڪ ٺوس ۽ سوچي سمجهي خاتمي ۽ موافقت جي پاليسي ۽ لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار جي ذريعي کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي ??بديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ملڪ ۾ فصلن جي مجموعي صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ انشورنس پورٽ فوليو ۾ غيرروايتي فصلن ۽ چوپائي مال کي شامل ڪرڻ سميت آبادگارن جي سهولت لاءِ صارف دوست مصنوعات تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته اي ڊي بي متاثر آبادگارن کي پاليسي تي ٻڌل قرض ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون سان فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ 10 ملين ڊالر جي گرانٽ قائم ڪئي آهي. هن چيو ته بئنڪ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ فصلن جي انشورنس کي به شامل ڪندي ته جيئن بحراني حالتن ۾ ڪمزور آبادگارن جو تحفظ ڪري سگهجي. قومي انشورنس ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 40 ملين رپين جي شروعاتي ??قم سان گڏ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊ ڪيل ??مين جي سروي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قدرتي يا انساني ساختا آفتن يا جيتن جي حملي جي ڪري فصلن جي پيداوار معمول کان 80 سيڪڙو کان گهٽ ٿئي ته لاڳاپيل ??بادگارن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ان قدم کي ساراهيو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي ??ه زور ڏنو ته لاڳاپيل ??المي ايجنسين وٽ ڪيترائي ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فنڊز موجود آهن جن کي فصلن جي انشورنس جي منصوبن طرف موڙڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ??دارن ۽ ڌرين کي عالمي / علائقائي سطح تي ??هڙن فنڊز جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ۽ وقف ٿيل کاتا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي فصلن جي انشورنس بابت پنهنجي مصنوعات طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر سڄي ملڪ ۾ فصلن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪريٽريٽ سان گڏ قومي سطح تي هڪ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو ۽ سمورين ڌرين تي ??ور ڏنو ته اهي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي فصلن جي انشورنس جي حوالي سان هڪ قومي پاليسي تيار ڪن.