اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ به موجود هو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي و??ير وزيراعظم کي صوبي ۾ ??وڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي حوالي سا?? پيش رفت تي بريفنگ ڏني. هن ??وڏ متاثرن جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪيو. سنڌ جي وڏي و??ير ڪراچي س??ڪل?? ريلوي (ڪي سي آر) جي تعمير ۽ ٿرڪول مائين جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي و??يراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورت حال به بحث هيٺ آئي.