اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهي?? آهي، عمران خان جي ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل پاليسين ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏي?? آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جا عمران خان بابت خيال ٻڌي حيران رهجي ويس، هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي ب??ا سبب جي نقصان پهچايو، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس. برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته عمران خان پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي لاءِ ڪرپشن جي خاتمي کي پنهنجو منشور بڻائي پيش ڪيو پر هو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ناتجربيڪار، خود پسند، انا پرست ۽ ڪمزور سياستدان ثابت ٿيو. هن چي?? ته ليڪ ٿيندڙ آڊيوز مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائينڊڙ شخص آهي ۽ اها ڳالهه آئون خوشي سان نه چئي رهي?? آهيان پر اهو اسان جي لاءِ شرمندگي ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇ?? ته عمران خان جي ذاتي ايجنڊا ۽ مقصدن جي لاءِ ڳالهائي ويندڙ ڪوڙن سان اسان جي ملڪ جي تشخص کي نقصان پهت?? آهي. وزيراعظم چي?? ته عمران خان کي پنهنجي سمورن سوچيل سمجهيل ڏوهاري قدمن جي لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته هو ان کان اڳ ڪڏهن ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان پريشان نه هو، عمران خان معاشري ۾ ايتري نفرت ۽ زهر ڀري ڇڏي?? آهي جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن به نه هو، هو حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻين ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چي?? ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ان وقت حيران رهجي ويو جڏهن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ان سان ملاقات دوران عمران خان جي رويي جو ذڪر ڪيو، ڪجهه اڳواڻن مون کي عمران خان جي شخصيت جي حوالي سان ذاتي طور تي آگاهه ڪي?? ته هو (عمران خان) اڻوڻندڙ رويو رکندڙ، ڪوڙو ۽ خودپسند هو. شهباز شريف چي?? ته عمران خان آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي ب??ا ڪنهن سبب نقصان پهچايو. هن واضح ڪي?? ته هو پاڪستان جي چين سان ويجهي لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بڻائيندو جن کي عمران خان پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي مبينا طور تي روڪڻ جي ڪري نقصان پهتو. وزيراعظم ان منصوبي کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چي?? ته هو نومبر ۾ چين، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ آزمايل دوست آهي، جو دورو ڪندو. هن چي?? ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي ب??تري لاءِ هڪ سٺو منصوب?? آهي. وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان حڪومتي معاملن ۾ مشاورت جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چي?? ته نواز شريف ان جو ليڊر ۽ وڏو ڀاءُ آ??ي ۽ هو ان سان مشورو ڪند?? آهي پر هن مون کي فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل اختيار ڏن?? آهي. خانداني سياست جي حوالي سان عمران خان جي تنقيد رد ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته هي خانداني سياست جو معاملو نه آهي پر اها اهليت، عوامي حمايت ۽ عوام جو اعتماد کٽڻ جي ڳالهه آهي.