اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻا??رئ??ن سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻا??رئ??ن سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿ?? ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿ?? ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي ??قيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظ??ار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.