اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل ??اء?? ٺوس قدم کڻي. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غ??رق??نوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت والاريل علائقي ۾ غ??رق??نوني آبادياتي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غ??رق??نوني قدم کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غ??رق??نوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي سربراهي ??جل??س ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي يڪجهتي کي ورجايو. بيان ۾ ڪشميرين جي بنيادي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام ?? 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن غ??رق??نوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي وآهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل ??اء?? ٺوس قدم کڻي.