اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يوني?? جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يوني?? جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاو?? جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاو?? جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي وا??ار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهي??. ه?? پاڪستان ۾ ترقياي منصوب?? جي لاءِ يورپي يوني?? جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ ??ان گڏوگڏ پاڪ يورپي يون??ن اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ??لد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستا?? جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏن??. ه?? اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يوني?? جي اعليٰ نمائندي پاڪستا?? جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.