اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيدنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا، گذريل چئن سالن دوران پاڪستان تي مڙهيل نااهل ٽولي معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه برباد ڪيو، ??فا??ي ڪ??بي??ا افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي ڇهن مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ واپار کي سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري ??فا??ي وزير شيري رحمان، ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ ٻين سان گڏ ??فا??ي ڪ??بي??ا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته ??فا??ي ڪ??بي??ا ٽانڪ ضلعي ۾ پوليو مهم تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ??فا??ي گهرو وزير کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪ??بي??ا جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ٻه ڪانسٽيبل ۽ پوليو ٽيم جو هڪ ورڪر شهيد ٿيو. هن ٻڌايو ته ??فا??ي ڪ??بي??ا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل هيزرڊئيس ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪ??بي??ا گهرو وزارت تحت قائم افغان بين الوزارت تعاون سيل جي ايپيڪس ڪميٽي ۽ نادرا، سيڙپڪاري بورڊ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ويزا رجيم تي ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن جي منظوري ڏني. هن چيو ته پاڪستاني سفارتخانو افغانين جي ويزا جي درخواست کي ڪنٽري آف اوريجن بدران موجوده نيشنلٽي/پاسپورٽ جي بنياد تي پراسيس ڪندو. هن چيو ته افغانستان سان واپار جي فروغ لاءِ ورڪ ويزا ڪيٽيگري ۾ هڪ نئين سب ڪيٽيگري، ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز جي نالي سان پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. شروعاتي طور تي 48 ڪلاڪن دوران ڇهن مهينن جي مدي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا جاري ڪئي ويندي جنهن جي مدي ۾ هڪ سال جي توسيع جو اختيار گهرو وزارت کي هوندو. هن چيو ته ويزا جي لاءِ گهربل دستاويزن ۾ درخواست ڪندڙ جو فوٽو، پاسپورٽ/ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽريشن ۽ ايمپلائمينٽ ليٽر شامل هوندو جڏهن ته توسيع جي صورت ۾ انٽري/ ويزا اپيج اضافي طور تي گهربل هوندا. هن چيو ته ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز جي ويزا جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران ريڪنڊيشن ليٽر ۽ ايس اي سي پي جي رجسٽريشن کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي ڇو ته ويزا حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد رڳو شين جي بارڊر تي چرپر آهي. هن چيو ته مٿي ڄاڻايل سموريون تجويزون اقتصادي رابطا تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز تي لاڳو هونديون. هن چيو ته ڪ??بي??ا جي منظوري کانپوءِ نادرا کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم جي نظام ۾ تبديلي جي هدايت ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ڪاروباري آسانين جي فروغ لاءِ گهرو وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي آنل ائين ادائيگين کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم ??فا??ي گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪي به مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اهي افغان شهري جيڪي سيڙپڪاري جي لاءِ نار رياستن جو رخ ڪن ٿا انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪ??بي??ا افغانستان مان ايندڙ مريضن جي لاءِ پڻ ويزا ۾ نرمي جي تجويز ڏني آهي. ڪ??بي??ا فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان شهرين جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ٻن هفتن جي اندر جوڙي ويندي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا ذيلي ادارا پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران تجويز آئي هئي ته ڪجهه مينوفيڪچررز توانائي جي بچت جي حوالي سان معيارن تي پورو لهڻ جي لاءِ وقت گهري رهيا آهن. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ مشاورت وڌيڪ ضروري آهي. هن چيو ته ڪ??بي??ا ان حوالي سان هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي سيڙپڪاري بورڊ وارو ??فا??ي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو. هن چيو ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??فا??ي وزير آغا حسن بلوچ ۽ لاڳاپيل ??فا??ي سيڪريٽريز هوندا. هن چيو ته ڪ??بي??ا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان کي توانائي بچائڻ جي ضرورت ۽ ان سلسلي ۾ بجلي سان هلندڙ سمورن اوزارن جي اسٽينڊرڊز ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير ٻڌايو ته ڪ??بي??ا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 جون 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان ۾ 13 مختلف ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽس منظور ڪيون ويون آهن. افغان رهواسين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين سرحدن تي انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم جوڙيو ويو هو، هن چيو ته 2015ع ۾ انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم ايئرپورٽس ۽ بارڊرز تي پڻ قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ ويزا رجيم ۾ ڪجهه ويزا ڪيٽيگريز کي شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز ۽ ڊرائيورز شامل آهن. هن چيو ته ان کان اڳ ويزا پاليسي ۾ جڏهن به نرمي ڪئي وئي ته نادرا کي شامل ن?? ڪيو ويو. هن ڀيري پهريون ڀيرو نادرا کي ان نظام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪاروباري آسانين کي نظر ۾ رکندي اها ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان تي مڪمل ??ڪي??زم موجود آهي. ملڪ رياض تي رجسٽرڊ ايف آءِ آر جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان ايف آءِ آرز تي معلومات گهرو وزير ڏيندو، ان ڏس ۾ بريفنگ رکي ويندي جنهن ۾ هو سموري معلومات فراهم ڪندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته حڪومت اسپيڪر ۽ پارليامينٽ جي معاملن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، رولز ۽ پروسيجرز موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلا ڪندو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي حڪومتي مداخلت ناهي هوندي. هن چيو ته هن اسيمبلي کي عمران خان وانگر پارليامينٽ تي تالو لڳائي نه پيو هلايو وڃي پر ان کي پارليامينٽ جي ضابطن موجب هلايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي بالادستي تحت اسيمبلي هلي رهي آهي، اهو ئي جمهوريت جو اصل روح آهي. لوڊشيدنگ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران جيڪو عذاب پاڪستان تي مڙهيل رهيو، ان معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه ۽ برباد ڪيو. هن چيو ته اسان گذريل حڪومت وانگر الزام بازي ڪري ماتم نه ڪري رهيا آهيون پر اسان توانائي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي سطح تي فيول جي کوٽ آهي، ان جي باوجود 30 جون تائين جيڪو پلان ڏنو هو ان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ڪفايت شعاري جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان ڏس ۾ قدمن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته وزارتن جي سطح تي پڻ ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.