انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لا??سٽ??س سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ بابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪي?? آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪي??. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪار?? جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪ?? جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي ترڪ?? جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪي??، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ رابط?? جي منصوبن خاص طور تي اسلام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪ?? جي واپار واري وزارت ۽ پاڪستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي اتفاق ڪي?? ويو ته جيئن لا??سٽ??س، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفاق ڪي?? ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.